
ٺل واسي منوج ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاج. هڪ شهري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي
ٺل مان اغوا ڪيل معصوم نينگر منوج ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاج دوران هڪ شهري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جو 20 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي. ٺل جي هندو پاڙي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل 8 ورهين جي نينگر منوج ڪمار جي بازيابي لاءِ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران نور احمد سرڪي نالي شهريءَ پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جو 20 سيڪڙو جسم سڙي ويو. پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ نور احمد سرڪي کي ٺل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٺل ۾ بدامني ۽ ٻارڙن جي اغوا وارين وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ سبب سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. شهرين مطالبو ڪيو ته مغوي نينگر منوج ڪمار کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.
ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ سبب سنڌ ۾ بئراج کاتو بحال نه ٿيو، هزارين هاري پريشان
سنڌ ۾ گذريل ٽن مهينن کان ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ باوجود سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ پيل سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائيندڙ بئراج کاتو بحال نه ٿي