HOME
SINDH
WORLD
POLITICS
BUSINESS
ENVIRONMENT
AGRICULTURE
ENGINEERING
WOMEN
SPORTS
LIFE STYLE
YOUNG WORLD
OPINION
SPECIAL REPORTS
CIVIL SOCIETY
SINDH AT GLANCE
INTERVIEWS
OUR HEROES
BOOKS
CAREER
SINDHI SECTION
ABOUT US
CONTACT US
ADVERTISE WITH US

ملڪ اندر بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل اهليت 20823 ميگاواٽ آهي پر پاور پلانٽ پنهنجي اهليت وڃائڻ ڪري بجلي پيداوار 14300 ميگاواٽ ٿئي ٿي

پيپڪو پارليامينٽ جي توانائي بحران جي جائزي لاءِ خصوصي ڪاميٽي کي ٻڌايو آهي ته ملڪ اندر بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل اهليت 20823 ميگاواٽ آهي پر پاور پلانٽ پنهنجي اهليت وڃائڻ ڪري بجلي پيداوار 14300 ميگاواٽ ٿئي ٿي. واپڊا جي هائڊرو پاور پلانٽن جي پيداواري صلاحيت 6516 ميگاواٽ آهي پر پيداوار 4500 ميگاواٽ ٿي رهي آهي، جنڪوز جي پاور پلانٽن جي پيدواري صلاحيت 4764 ميگاواٽ آهي پر پيداوار 2000 ميگاواٽ ٿئي ٿي، آءِ پي پيز جي نيوڪليئر پاور سوڌو بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 9085 ميگاواٽ آهي پر 7600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي، رينٽل پاور پلانٽن جي پيداواري صلاحيت 393 ميگاواٽ آهي پر بجلي 200 ميگاواٽ ملي ٿي، ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته سال 6-2005ع ۾ ملڪ اندر بجلي جي 13847 ميگاواٽ گهرج هئي ۽ فراهمي 12600 ميگاواٽ رهي، ان سال ملڪ اندر 1247 ميگاواٽ بجلي کوٽ رهي، جڏهن ته سال 7-2006ع ۾ 15838 ميگاواٽ گهرج جي مقابلي ۾ پيداوار 13282 ميگاواٽ رهي، سال 8-2007ع ۾ 17398 ميگاواٽ گهرج ۽ پيداوار 12442 ميگاواٽ هئي، سال 9-2008ع ۾ 17852 ميگاواٽ گهرج ۽ فراهمي 13637 ميگاوٽ رهي، سال 10-2009 ۾ ملڪ اندر بجلي جي 18583 ميگاواٽ گهرج جي مقابلي ۾ فراهمي 13413 ميگاواٽ رهي، جڏهن ته سال 11-2010ع 31 ڊسمبر 2011ع تائين ملڪ اندر بجلي جي گهرج 20058 ميگاواٽ رهي پر ان سال فراهمي 14078 ميگاواٽ ٿي، سال 2011ع 31 ڊسمبر تائين ملڪ اندر بجلي کوٽ وڌي 5792 ميگاواٽ تي رسي آهي.