HOME
SINDH
WORLD
POLITICS
BUSINESS
ENVIRONMENT
AGRICULTURE
ENGINEERING
WOMEN
SPORTS
LIFE STYLE
YOUNG WORLD
OPINION
SPECIAL REPORTS
CIVIL SOCIETY
SINDH AT GLANCE
INTERVIEWS
OUR HEROES
BOOKS
CAREER
SINDHI SECTION
ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ سبب سنڌ ۾ بئراج کاتو بحال نه ٿيو، هزارين هاري پريشان
ABOUT US
CONTACT US
ADVERTISE WITH US

ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ سبب سنڌ ۾ بئراج کاتو بحال نه ٿيو، هزارين هاري پريشان

سنڌ ۾ گذريل ٽن مهينن کان ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ باوجود سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ پيل سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائيندڙ بئراج کاتو بحال نه ٿي سگهيو، سڄي سنڌ ۾ بئراجي زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ لاءِ ٽن بئراجن تي منظور ٿيل ڪالونائيزيشن آفيسرن مان ٽن مان صرف هڪ بئراج تي آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن کي به آفيس ۽ عملو فراهم نه ڪيو ويو، جنهن ڪري سنڌ جا هزارين هاري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب ملڪ ۾ 2001ع جي مڪاني نظام اچڻ کان اڳ هلندڙ ڪمشنري نظام هيٺ هارين ۾ سرڪاري زمين ورهائڻ لاءِ بئراج کاتو قائم ٿيل هو، سنڌ ۾ اهو کاتو جيڪو روينيو جي لينڊ يوٽيلائيزيشن شعبي ۽ ڪمشنرن جي ماتحت هو ان ۾ ٽن بئراجن سکر، گدو ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي گريڊ 18 هين جا 3 ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر ٿيل هئا پر 2001ع ۾ آيل ضلعي نظام کانپوءِ اهو کاتو ختم ڪري ڄاڻايل اختيار ضلعي سطح تي ڊي او روينيو حوالي ڪيا ويا پر هاڻي وري جڏهن سنڌ ۾ ٽن مهينن کان ڪمشنري نظام هلي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ٽن بئراجن بدران صرف هڪ سکر بئراج تي اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري طارق علي نظاماڻي کي ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج تي اڃا تائين ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر نه ٿي سگهيا آهن، ذريعن موجب ڪالونائيزيشن آفيسرن لاءِ ڌار آفيسون ۽ عملو مقرر هوندو آهي ۽ هنن کي ڪليڪٽر وارا اختيار به هوندا آهن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين نه ته آفيسر مقرر ڪري سگهي آهي نه وري انهن کي ڪليڪٽر جا اختيار ڏئي عملو ڏنو ويو آهي ته جيئن هو کليل ڪچهريون ڪري بي زمين هارين ۾ سرڪاري زمين ورهائي سگهن، ذريعن موجب سنڌ حڪومت تي ڄاڻايل کاتو بحال نه ڪرڻ لاءِ هڪ اتحادي ڌر جو دٻاءُ آهي، جيڪا ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته 2001ع کان ضلعي سطح تي ورهايل سرڪاري زمين ۾ ڪيل ڦير ڦار ظاهر نه ٿي وڃي، ان ڪري سنڌ حڪومت اهو جواز ڄاڻائي رهي آهي ته هاڻي سنڌ ۾ بئراجي زمين بچي ئي ناهي، جيڪا بي زمين هارين ۾ ورهائجي، جڏهن ته ذريعن جي دعويٰ آهي ته خيرپور، شهيد بينظير آباد ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعن ۾ 25-25 هزار، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ 2 لک ايڪڙن کان وڌيڪ بئراجي سرڪاري زمين موجود آهي، جيڪا بي زمين هارين ۾ ورهائي سگهجي ٿي. (ڪاوش جي ٿورن سان)