سرائيڪي صوبو نه ٺهيو ته هـُو بلوچن وانگر هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا. جمشيد دستي
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ جي حوالي سان 20هين ترميم جو بل ايجنڊا تي هجڻ باوجود قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيو ويو، جڏهن ته حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي وفد خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان 20هين ترميم وارو بل سومر تي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نواب غني ٽالپر،شڪيلا خانم،غفور چوڌري ۽ ڊاڪٽر طلعت مهيسر اسلام آباد ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي تعداد ۾واڌ تي ڌيان ڇڪايو. ڌيان ڇڪائڻ تي ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وزير رياض پيرزادي چيو ته، عطائي ڊاڪٽرن وارو معاملو صحت واري وزارت جو آهي، 18هين ترميم کانپوءِ صحت واري وزارت صوبن حوالي ٿي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن جون ڊگريون چيڪ ڪرڻ جو اختيار به هيڪ کي آهي. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ يونيورسٽي 3 هفتا بند هئي، پروفيسر بشير چنڙ جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن ۽ پوليس کي سڀ خبر آهي، ان باوجود ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. نواب يوسف ٽالپر احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 154 مقرر ڪيو ويو پر پاڻي ۽ بجلي واري وزير اگهه کي گهٽائي 130 رپيا ڪيو، جنهن سبب آبادگار پريشان آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڪمند جو اگهه وڌائي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنو وڃي. پيپلز پارٽي جي ميمبر جمشيد دستي چيو ته، جيڪڏهن سندن مسئلا حل نه ٿا ٿين ته قومي اسيمبلي کي تالو لڳايو وڃي ۽ سرائيڪي صوبو نه ٺهيو ته هو بلوچن وانگر هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا. هن مطالبو ڪيو ته، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ان ڪري کيس وزارت تان استعفيٰ ڏيڻ گهرجي. نواز ليگ جي حنيف عباسي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾60 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، اتحادي به ڪرپشن بابت سوال پُڇي رهيا آهن، ان جو جواب ڏنو وڃي. جنهن تي پي پي جي نديم افضل چن چيو ته پنجاب ۾ ڪرپشن تي ماڻهو خاموش آهن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي ته تندور اسڪيم ناڪام ٿيڻ تي به ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو نه ڪيو هو. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، شيخ وقاص اڪرم جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمون نالا تبديل ڪري انڊر گرائونڊ ڪم ڪري رهيون آهن، اسلام آباد ۾ جلسو ڪيئن ٿيو؟ ان جي جاچ ڪرائي ويندي. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو ته دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ايڪٽ ٻن سالن کان سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيل آهي، ان کي اڳتي آندو وڃي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر جو شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. .